ايڪتا ( اخبار )

ايڪت (اخبار ): هيءَ هفتيوار اخبار 21 ڊسمبر 1933ع تي لاڙڪاڻي مان جاري ٿي. جنهن جو ايڊيٽر قسمت راءِ ڇڳاڻي هو. هن اخبار تي 1935ع ۾ پي. ڊبليو. ڊي کاتي سميت ٻيا به ڪيترائي بدناموسيءَ جا ڪيس لڳا. هن اخبار جو ساليانو چندو اڍائي روپيا هو ۽ ان جون 500 ڪاپيون نڪرنديون هيون. هيءَ اخبار قسمت پريس لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌري ڪئي ويندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو